سومرو عبدالغفار ڊاڪٽر

سومرو عبدالغفار ڊاڪٽر

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو : نامور اديب، ليکڪ ۽ بيوروڪريٽ، ڊاڪٽر عبدالغفار ولد پريل سومرو'>محمد پريل سومرو پهرين سيپٽمبر، 1951ع تي ڳوٺ خيرپور جوسي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول خيرپور جوسي مان.مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان. بي ايس سي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان ۽ ايم. ايس. سي رياضيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1973ع ۾ حاصل ڪيائين. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ رياضيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي 1977ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنائين. ان وچ ۾ 1975ع ۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ايڪسٽرنل اميدوار طور فلسفي ۾ ايم. اي به ڪيائين ۽ 1976ع ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان منعقد ڪيل مقابلي جو امتحان پاس ڪري 21 مارچ 1977ع تي سول سروس DMG گروپ ۾ شامل ٿيو. 1979ع ۾ يونيورسٽي آف انگلنڊ مان ترقياتي اڀياس ۾ ڊپلوما ڪيائين. عبدالغفار سومري ادبي سفر جي شروعات لاڙڪاڻي شهر جي ادبي محفلن ۾ مقالن پڙهڻ سان ڪئي. جتي سندس واسطو نامور اديبن ۽ شاعرن سان ٿيو. سير سفر جي شوق ۾ پاڪستان جا تقريباً سڀ علائقا خاص طور تاريخي ماڳ مڪان ۽ شاهه لطيف تي ريسرچ ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان اندر هنگلاج ۽ ڪيچ مڪران، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي ماڳن، مڪانن جو مشاهدو ڪري تحقيقي مضمون روزاني ’عبرت‘، ’هلال پاڪستان‘، ’ڊان‘، ’نئين زندگي‘، ’مهراڻ‘ وغيره ۾ لکيائين. هيءَ سنڌ اندر ٻين ڪيترن عهدن تي رهڻ کان سواءِ نوابشاهه ۽ بدين ضلعن جو 1986ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر، 1993ع ۾ ميرپورخاص ڊويزن جو ۽ 1994ع کان 1996ع تائين حيدرآباد جو ڪمشنر ٿي رهيو. هن انهن عهدن تي رهڻ دوران ڪيترا تاريخي ڪم ڪيا. نوابشاهه ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت ۾ نامور محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر حامد علي خانائي قريشيءَ جي تاريخي ۽ تحقيقي مقالن کي گڏ ڪرائي شايع ڪرايائين. اهڙيءَ طرح بدين ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي دوران لاڙ ميوزم ۾ مولوي احمد ملاح لائبرريءَ جي پيڙهه جو پٿر رکيائين. 1988ع ۾ نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ Shah Abdul Latif and his Sufistic Thought جي موضوع تي فلسفي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين. 1990ع دوران جڏهن ڪالونائيزيشن آفيسر سکر بئراج مقرر ٿيو ته 1928ع کان 1989ع تائين نيڪال ٿيل زمينن جو تفصيلي وچور (Statistics) تيار ڪري The Sukkur Barrage Lands-Fizures Speak جي نالي سان شايع ڪرايائين. سنڌ روينيو بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ٿيل پنهنجن ضلعن جي گزيٽيئرن مان ٽن تي نظرثاني ڪري شايع ڪرايائين. انهيءَ عرصي دوران سنڌ روينيو ڪميشن جي رپورٽ ۽ سنڌ روينيو اڪائونٽس مينيوئل کي ايڊٽ ڪري پڌرو ڪرايائين. 1993ع ۾ سنڌ روينيو ايڪٽ ’Sindh Land Revenue Act 1967‘ جي سنڌي ترجمي تي نظرثاني ۽ درستيون ڪيائين، جيڪو ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ شايع ڪرايو. حيدرآباد ۾ ڪمشنر جي عهدي تي فائز رهندي ڀٽ شاهه ڪلچرل ڪاميٽيءَ جي چيئرمئن جي حيثيت ۾ شاهه لطيف جي رسالي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ طرفان ٿيندڙ تحقيق کي ٽن جلدن ۾ تيار ڪرائي شايع ڪرايائين. کيس سرڪاري نوڪريءَ دوران جن ملڪن گهمڻ جو موقعو مليو. انهن ۾ سعودي عرب، برطانيا، انڊونيشيا، سنگاپور، چين، هانگ ڪانگ، فرانس، جرمني، اسپين، اٽلي، ترڪي وغيره شامل آهن. هن ڪيترن ئي انگريزي ڪتابن جو ترجمو پڻ ڪيو آهي. 1970ع ۾ جيمس جينس جي ڪتاب ’The Mysterious Uniforms‘ جو سنڌي ترجمو ڪيائين، جيڪو ’پراسرار ڪائنات‘ جي نالي سان سنڌ سائنس سوسائٽيءَ شايع ڪيو. 1978ع ۾ علامه اقبال جي مشهور ڪتاب ’Reconstruction Of Religious Thought‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. جيڪو ’اسلامي فڪر جي جديد تشڪيل‘ جي نالي سان 1982ع ۾ اقبال اڪيڊمي لاهور طرفان شايع ٿيو. 1982ع ۾ ’فلڪيات‘ (Astronomy) جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب لکيائين، جيڪو سنڌ سائنس بورڊ طرفان شايع ٿيو. 1995ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي تحريرن ۽ تقريرن جي مجموعي ’Casual Peeps at Sophia‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو. ان کان سواءِ شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي شرح ابيات کي سنڌي ترجمي ۽ توضيح سان سينگاري ڇپرايائين. ان کان سواءِ سندس شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ جي مڪمل سنڌي تشريح، تحقيق ۽ سنڌي ترجمو پڻ ڇپجي چڪو آهي. هو سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف ريسرچ اينڊ هيريٽيج جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو آهي. هن اداري لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڄام شوري ۾ سنڌ سرڪار کان پلاٽ منظور ڪرائي، ان جي اڏاوت جو ڪم پڻ شروع ڪيو آهي. ان کانسواءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مزار ۽ ان جي مٿان چوڪنڊي مقبرو ٺهرائڻ ۾ پڻ سندس ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.09.01  عيسوي

نامور اديب، ليکڪ ۽ بيوروڪريٽ، ڊاڪٽر عبدالغفار ولد محمد پريل سومرو پهرين سيپٽمبر، 1951ع تي ڳوٺ خيرپور جوسي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

داد محمد خادم بروهي ڊاڪٽر
شير مهراڻي ڊاڪٽر
پوپٽي هيراننداڻي
ابراهيم لاشاري پروفيسر
ٺاڪر چاولا
ڏيپلائي محمد علي
شمس سومرو ڊاڪٽر
ستيش روهڙا
چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
عبدالغفار گوهر دائودپوٽو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون